ملڪ ۾ هٿرادو مهانگائي خلاف ڪوٽڙي ۾ نوجوان تحريڪ پاران پاڻي ۾ ماني ٻوڙي کائي انوکو احتجاج ڪيو ويو.
احتجاج ڪندڙ عبدالستار لوهر، اشفاق بروهي، شهباز ميمڻ ۽ ٻين چيو ته مهانگائي سبب هو پاڻي سان ماني کائڻ تي مجبور آهن، هاڻي کائڻ پيئڻ جي شين جي خريداري کان لاچار ٿي ويا آهن. هنن گهر ڪئي ته مهانگائي تي ضابطو آڻي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي…….