ڪڻڪ جي اٽي جا صحت لاءِ جادوئي فائدا

ڪنهن به صحتمند ماڻهو جي صحت ڏسي وات مان نڪري ويندو آهي ته ادا ڪهڙي چڪي جو اٽو کائيندو آهين؟. هونئن ته سڀ ڪڻڪ جو اٽو ئي کائيندا آهن جيڪو سڄي دنيا جي ماڻهن لاءِ خوراڪ جو اهم ترين جُز آهي.
انهيءَ حوالي سان ڪيل هڪ تحقيق مان خبر پئي آهي ته جيڪي ماڻهو پنهنجي روز مرهه جي خوراڪ ۾ ڪڻڪ جو اٽو استعمال ڪندا آهن، انهن ۾ هاءِ بلڊ پريشر ۽ اسٽريس (دٻاءَ) جو خطرو گھٽ هوندو آهي.
ڪڻڪ هڪ طرح جو ڪينيل (kennel) آهي، جنهن ۾ بران (bran)، جرم (germ) ۽ اينڊواسپرم (endosperm) شامل آهن.
ڪڻڪ جي عام قسمن ۾ مڪئي، چانور ۽ جوئر شامل آهن، ان مان ٺهيل خوراڪ جا صحت تي هي فائدا پوندا آهن.
کَلَ ۽ وارن ۾ خوبصورتي
ڪڻڪ جي اٽي جو سڀ کان وڏو فائدو اهو آهي ته اهو اسان جي جسم تي هاڪاري اثر وجهندو آهي. اينٽي آڪسيڊنٽ جي شڪل ۾ موجود سيلينيم نقصانڪار انفيڪشن جي خلاف وڙهڻ لاءِ هڪ ضروري عنصر آهي.
اهو اسڪيلپ (scalp) کي خشڪي کان بچائڻ ۾ به مدد ڪندو آهي، ڪڻڪ ۾ زمڪ ۽ وٽامن اي جو عنصر موجود هوندو آهي جيڪو چمڪندڙ وارن لاءِ بهترين آهي.
هاضمي جي نظام کي بهتر ڪندو آهي
ڪڻڪ ۾ موجود فائبر اسان جي جسم تي ڊگھا اثر وجهندو آهي، اهو نه رڳو هاضمي جي نظام کي بهتر ڪندو آهي پر جسم مان نقصانڪار زهريلن مادن کي صاف به ڪندو آهي.
وزن ۾ گھٽتائي
تحقيق مان خبر پئي آهي ته فائبر سان ڀرپور کاڌا کائڻ سان وزن ۾ گھٽتائي ٿيندي آهي ۽ ٿولهه جو خطرو به گھٽ هوندو آهي.
ڪڻڪ انساني جسم مان خراب چرٻي کي گھٽ ڪرڻ ۾ به مدد ڪندي آهي. جيڪڏهن ڪو شخص روز ڪڻڪ جون ٽي مانيون کائيندو آهي ته ان جي باڊي ماس انڊيڪس (بي ايم آءِ) کي گھٽ ڪندو آهي.
غذائي جُزن ۽ فائبر سان ڀرپور
ڪڻڪ جو اٽو وٽامنز، فائبرز، ميگنيشيم، زنڪ ۽ پروٽين سان ڀرپور هوندو آهي، ڪڻڪ ۾ زنڪ جو مقدار سڀ کان وڌيڪ هوندو آهي.
اهو نه رڳو وٽامن بي جو به هڪ ڀرپور ذريعو آهي پر ان ۾ اينٽي آڪسيڊنٽس جو به ججهو مقدار موجود آهي.
دماغي صحت کي بهتر بڻائيندو آهي
ڪڻڪ جي اٽي ۾ موجود وٽامن بي ۽ اي توانائي جي پيداوار ۾ مدد ڪندا آهن ۽ جسم ۾ صحتمند ڊي اين اي کي برقرار رکندو آهي.
دل جي بيمارين جي خطرن ۾ گھٽتائي
ڪڻڪ جي اٽي جو سڀ کان وڏو فائدو اهو آهي ته اهو دل جي بيمارين جي خطرن کي گھٽ ڪندو آهي.
ڊاڪٽرن کان خبر پئي آهي ته روز 28 گرام ڪڻڪ کي پنهنجي خوراڪ ۾ شامل ڪرڻ دل جي صحت لاءِ بهترين آهي.
ڪينسر جي خطرن ۾ گھٽتائي
پنهنجي خوراڪ ۾ ڪڻڪ کي شامل ڪرڻ سان کَلَ جي ڪينسر جي خطرن کي گھٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي.
ڪڻڪ ۾ موجود سيلينيم ان عمل ۾ مدد ڪندو آهي، اهو کَلَ جي واڌ ويجهه ۽ چمڪ برقرار رکڻ ۾ به اهم آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.