ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي بنگلاديشي ڪپتان ۽ سينيئر ڪرڪيٽر تميم اقبال عالمي ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل نه ڪرڻ تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي بي ) ڀارت ۾ شيڊيول ون ڊي ورلڊ ڪپ لاءِ گذريل ڏينهن پندرنهن رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو هو.
عالمي ڪپ ۾ بنگلاديشي اسڪواڊ جي قيادت شڪيب الحسن ڪندو، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ مشفيق الرحيم، لٽن داس، نجم الحسن شانتو، توحيد هردوئي، مهدي حسن ميراز، تسڪين احمد، مسفيض الرحمان شامل آهن.
انکانسواءِ حسن محمود، شريف السلام، نسم احمد، مهدي حسن، تنزيد تميم، تنظيم ثاقب ۽ محمود الله به عالمي ڪپ اسڪواڊ جو حصو آهن.
ورلڊ ڪپ اسڪواڊ مان ڊراپ ڪرڻ تي اڳوڻي ڪپتان تميم اقبال چپ جو روزو ٽوڙيندي انڪشاف ڪيو آهي ته هو عاليم ڪپ کيڏڻ لاءِ فٽ آهي.
واضح رهي ته بنگلاديشي چيف سليڪٽر پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته تميم کي ٽيم ۾ شامل نه ڪرڻ جو سبب سندس چيلهه جي انجري آهي.
تميم اقبال چيو ته بورڊ اختيارين جي عهديدار کيس ٻڌايو ته چيلهه جي انجري جي خدشن باوجود کيس عالمي ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويندو.
هن چيو ته هڪ ميچ ۾ بيٽنگ کانپوءِ بي سي بي جي هڪ عهديدار اسان سان گڏ هو، جنهن مون کي ٻڌايو ته اوهان کي عالمي ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته افغانستان خلاف پهرين ميچ ۾ اوهان حصو نه وٺندا.
تميم اقبال چيو ته مان دنگ رهجي ويس پوءِ مون کي هيٺين نمبر تي بيٽنگ ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي، مون پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪڏهن به ٽين، چوٿين يا پنجين پوزيشن تي بيٽنگ ناهي ڪئي مان لوئر آرڊر ۾ ڪيئن بيٽنگ ڪري سگهان ٿو؟ .
بنگلاديشي اوپنر چيو ته مون بي سي بي عملدار کي چيو ته جيڪي اِهو ئي پلان آهي ته مون کي انهن معاملن کان پري رکو ۽ عالمي ڪپ لاءِ ڀارت نه موڪليو.
ان کانسواءِ بنگلاديشي ميڊيا جو چوڻ آهي ته تميم اقبال کي شڪيب الحسن جي چوڻ تي اسڪواڊ ۾ شامل ناهي ڪيو ويو.
ميڊيا رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شڪيب الحسن ان فٽ رانديگرن کي شامل ڪرڻ جي صورت ۾ ڪپتاني ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏني هئي.