عمران کي قتل ڪيو ويندو، اعتزاز احسن جي دعويٰ

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) نامياري قانوندان پيپلز پارٽي جي مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبر اعتزاز احسن انڪشاف ڪيو آهي ته عمران خان کي نواز شريف جي آمد کان اڳ قتل ڪيو ويندو.

نامياري صحافي عمران وسيم جو چوڻ آهي ته اعتزاز احسن هڪ ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي عمران خان جي قتل جو انڪشاف ڪيو آهي جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ جي حلقن ۾ ٻڙڌڪ پئجي ويو آهي. ڇو ته ان کان اڳ پي ٽي آءِ پروپيگنڊا ڪري رهي هئي ته عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ معاملا طئي ٿي رهيا آهن ۽  عمران خان چونڊن کان اڳ جيل مان آزاد ٿي ويندو ۽ اليڪشن ۾ حصو وٺندو.

ڏسڻو اهو آهي ته ڇا ادارا اعتراز احسن کان پڇا ڳاڇا ڪن ٿا ته ان وٽ ڪهڙو ثبوت يا اطلاع آهي ته عمران خان کي قتل ڪيو ويندو ڇو ته عمران خان ته جيل اندر رياست جي تحويل ۾ آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اربع 27 سپٽيمبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.