ڪنگنا ڪنهن سان ۽ ڪڏهن شادي ڪندي؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فلمن تي تنقيد ڪندڙ راشد خان عرف ”ڪي آر ڪي“ گھڻو ڪري فلمن تي تنقيد ڪندي نظر ايندو آهي پر هاڻي هن اداڪارا ڪنگنا رناوت جي شادي بابت انڪشاف ڪيو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي ڪي آر ڪي اداڪارا ڪنگنا رناوت جي شادي ايندڙ سال ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
ڪي آر ڪي لکيو ته ڪنگنا رناوت ڊسمبر 2023ع ۾ هڪ ڪارباري سان مڱڻي ڪرڻ واري آهي.
هن ڪنگنا رناوت کي اڳ ئي شادي جي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اداڪارا جي شادي اپريل 2024ع ٿي ويندي.
ڪي آر ڪي جي دعويٰ تي سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان دلچسپ تبصرا ڪيا پيا وڃن.
هڪ واهپيدار لکيو ته سلمان خان هڪ اڪيلو اهل اميدوار آهي، ٻئي واهپيدار لکيو ته اهو ڪو به آهي مون کي اميد آهي ته ان کي هر وقت اسپرين جي ضرورت پوندي.
واضح رهي ته ڪنگنا رناوت ڪڏهن به پنهنجي محبت بابت ناهي ڳالهايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.