سپريم ڪورٽ اعليٰ عدليا ۾ ججن جي مقرري تي اهم فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ اعليٰ عدليا ۾ ججن جي مقرري تي اهم فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف داخل اپيلون خارج ڪري ڇڏيون، پشاور هاءِ ڪورٽ پارلياماني ڪميٽي جي سفارش ڪالعدم قرار ڏني هئي، جنهن کي سپريم ڪورٽ به برقرار رکيو آهي.
واضح رهي ته ججن جي مقرري لاءِ قائم پارلياماني ڪميٽي جڊيشل ڪميشن کي سينارٽي اصولن موجب سفارشن جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي هئي.
سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو آهي ته عدليا جي آزادي ملڪ کي آئين تحت هلائڻ لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿي، آئين ۾ رياست جي ٽنهي ٿنڀن جا اختيار واضح آهن، جڊيشل ڪميشن جي سفارشن جو پارلياماني ڪميٽي جائزو نٿي وٺي سگهي.
فيصلي موجب پارلياماني ڪميٽي ميمبرن جي مهارت جڊيشل ڪميشن ميمبرن کان مختلف آهي، جڊيشل ڪميشن جو ڪم نامزد ججن جي اهليت ۽ قابليت جو جائزو وٺڻ آهي، پارلياماني ڪميٽي ۽ جڊيشل ڪميشن ٻئي پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪري سگهن ٿيون.
سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو آهي ته سينارٽي جو اصول سول سروس ۾ محڪماڻي پروموشن ڪميٽي لاءِ بنيادي جُز آهي، رڳو سينارٽي جي بنياد تي ڪنهن کي ترقي نٿي ڏئي سگهي، ترقي ۽ اعليٰ مقرري لاءِ سينارٽي سان گڏ ميرٽ ۽ اهليت بنيادي جُز آهي.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سينارٽي جو جائزو ان ئي وقت ورتو ويندو آهي، جڏهن ميرٽ ۽ اهليت تي سمورا اميدوار برابر هجن، ميرٽ سسٽم تحت ئي اهل ۽ قابل ماڻهن کي اڳتي وڌڻ جو موقعو ملندو آهي.
سپريم ڪورٽ چيو آهي ته ججن جي مقرري لاءِ قائم جڊيشل ڪميشن ۾ سمورا ميمبر هڪ جيتري اهميت رکندڙ آهن، پارلياماني ڪميٽي جو فيصلو مفروضن ۽ من پسند آبزرويشنز تي ٻڌل نٿو ٿي سگهي، عدالتن کي ماضي جي فيصلن جو احترام ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.