جبلن تي اسان جو ساهه ڇو منجهندو آهي؟

اسان جي ذهنن ۾ اڪٽر اهو سوال پيدا ٿيندو آهي ته جبلن تي اسان جو ساهه ڇو منجهندو آهي؟
ان جو جواب اهو ٻڌايو ويندو آهي ته بلند هنڌن تي فضائي دٻاءُ ميدانن جي ڀيٽ ۾ تمام گھٽ هوندو آهي.
ان جي نتيجي ۾ هوا ۾ آڪسيجن جو مقدار گھٽ هوندو آهي، اهڙن هنڌن تي ڦڦڙن ۾ آڪسيجن جو گھربل مقدار ناهي پهچندو.
اها ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ يعني وڌ کان وڌ آڪسيجن حاصل ڪرڻ لاءِ ڦڦڙن کي وڌيڪ ڪوشش ڪرڻي پوندي آهي جيتوڻيڪ اسان کي ساهه ۾ منجهه پيدا ٿيندي آهي.
جيڪي ماڻهو جابلو علائقن ۾ رهڻ جا عادي هوندا آهن انهن کي ساهه منجهڻ جي شڪايت ناهي ٿيندي ڇو جو قدرتي طور تي انهن جي رت ۾ هيموگلوبين جو مقدار وڌيڪ هوندو آهي جيڪو جسم جي مختلف حصن کي آڪسيجن پهچائيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.