بيلٽ پيپر تي پي ٽي آءِ نه هجڻ تي احتجاج ٿيو ته به چونڊون جائز هونديون: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته جيڪڏهن بيلٽ پيپر تي تحريڪ انصاف جي نه هجڻ تي احتجاج ٿيو ته به چونڊون جائز ۽ قانوني هونديون.
پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو خاطري ٿو ڪرايان ته چونڊ عمل مڪمل صاف، شفاف ۽ آزاداڻو هوندو، چونڊ عمل ۾ انتظامي سطح تي ڪنهن خاص گروپ جي حمايت يا مخالفت نه ڪئي ويندي.
هن چيو ته جيڪڏهن بيلٽ پيپر تي پي ٽي آءِ جي نه هجڻ تي احتجاج ٿيو ته به چونڊون جائز ۽ قانوني هونديون، پولنگ جي 8 ڪلاڪن ۾ احتجاج ٿيڻ سبب اليڪشن کي غير قانوني قرار نٿو ڏئي سگهجي، اهو رڳو هڪ بحث جوڳو نڪتو هوندو آهي ته چونڊون ڪنهن حد تائين شفاف ۽ منصفاڻيون آهن.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ سربراهه آمريڪا تي سازش جي بيانيي تان پاڻ ئي پوئتي هٽي ويو، ڪڏهن ڪڏهن سياستدان عوامي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙو موقف اختيار ڪندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.