اداڪارا مهربانو جي بولڊ لباس ۾ وڊيو وائرل، مداحن جي تنقيد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور ماڊل، ڊانسر ۽ بولڊ اداڪارا مهر بانو آمريڪي گلوڪارا بيونسي جي ڪانسرٽ ۾ شرڪت ۽ گيت تي قاتلاڻيون ادائون ڏيندي وڊيو جاري ڪري ڇڏي.
ڊراما انڊسٽري ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکارڻ کان پوءِ مهربانو هاڻي پنهنجي بولڊ لباس سبب پاڪستاني عرفي جاويد چورائيندي آهي.
اداڪارا فوٽو اينڊ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي هڪ وڊيو جاري ڪئي آهي جنهن ۾ هن کي پنهنجي ساهڙي جي سان گڏ بيونسي جي ”رينائيسنس ورلڊ ٽوور“ ڪانسرٽ ۾ شرڪت ڪندي ڏسي سگھجي ٿو ۽ ان ڪانسرٽ لاءِ ويندي اداڪارا کي مختلف هنڌن تي رقضي ڪندِي ڏسي سگھجي ٿو.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Mehar Bano (@meharbano)

اداڪارا طرفان جاري ڪيل هڪ ٻي وڊيو ۾ هو بيونسي جي گيت تي لپ سنڪ ڪندي نظر اچي ٿي ۽ ٽرانزيشن کان پوءِ هوءَ سائي بولڊ لباس ۾ نظر اچي ٿي ۽ وڊيو جي آخر ۾ مهر بانو ڪانسرٽ جون وڊيوز به شامل ڪيون.
اداڪارا جي ان وائرل وڊيو تي سوشل ميڊيا واهپيدار سخت تنقيد ڪندي نظر اچي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.