اسان ڀارت وڃي رهيا آهيون، فاتح بڻجي موٽنداسين: بابر اعظم

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته پاڻ کان وڌيڪ مون کي پنهنجي ٽيم تي اعتماد آهي.

عالمي ڪپ لاءِ ڀارت روانگي کان اڳ اڱاري ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي بابراعظم چيو ته انهن کي رانديگرن پاڪستان کي نمبر ون بڻايو آهي، مان ڄاڻان ٿو ڪير منهنجي لاءِ ۽ ٽيم لاءِ فائيٽ ڪندو آهي.

ورلڊ ڪپ بابت بابر اعظم چيو ته ڀارت ۾ پهريون ڀيرو کيڏڻ جو دٻاءُ نه آهي، ڪنڊيشنز بابت ڄاڻ آهي، اڳوڻن ڪرڪيٽرن کان معلومات وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، عالمي ڪپ لاءِ ڀرپور تياري آهي، ٽيم طور سٺي راند جو مظاهرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

سندس چوڻ هو ته ڪپتان طور عالمي ڪپ ۾ مُلڪ جي نمائندگي ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز آهي، ڪوشش آهي ته اسان فاتح بڻجي موٽون، مان ٽيم ۾ گهڻي ڦيرڦار جو قائل نه آهيان.

بابر اعظم چيو ته ايشيا ڪپ جي ٻن ميچن دوران اسان سٺو نه کيڏياسين، فيلڊنگ ۾ ڪوتاهي ٿي، غلطين مان سکيا آهيون، هر ميچ هڪ جهڙي ناهي هوندي، هڪ غلطي سڌاريون ٿا ته ٻي ٿئي ٿي.

نسيم شاهه جي انجري بابت بابر اعظم چيو ته عالمي ڪپ ۾ سندس کوٽ محسوس ٿيندي، هو ڏاڍو ياد ايندو، هو جهڙي ريت شاهين سان بالنگ ڪري رهيو هو، نسيم شاهه کانپوءِ جيڪا بهترين چوائس هئي ان کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

ڪپتان چيو ته چيف سليڪٽر انضمام الحق، ڪوچ مڪي آرٿر جي مشاورت سان حسن علي کي چونڊيو ڇو ته وٽس تجربو به آهي، فلحال نٿو چئي سگهان ته شاهين سان گڏ اٽيڪ ڪير ڪندو.

بابر اعظم چيو ته رانديگرن کي پيغام ڏنو آهي ته اسان پهريان به ڪري ڏيکاريو آهي ۽ هاڻي به ڪري سگهون ٿا اسان جو هڪ ميچ تي ڌيان نه آهي، 2019ع کان اسان اٺ کان نوَ رانديگر گڏ کيڏي رهيا آهيون.

ڪپتان وڌيڪ چيو ته اسان جا اسپنر بهترين آهن، ويزائون اچي چڪيون آهن ۽ اسان ڀارت وڃي رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.