نگران وزيراعظم جي انٽرويو تي اطلاعات واري وزارت جو بيان اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري وزارت نگران وزيراعظم انور الحق ڪاڪڙ جي پرڏيهي خابرو ادري کي انٽرويو بابت پنهنجو بيان جاري ڪيو آهي.
اطلاعات واري وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پي ٽي آءِ سميت سڀئي جماعتون چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ اهل آهن ۽ سڀني جماعتن کي عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ برابر حق حاصل آهي.
بيان موجب نگران وزيراعظم جي انٽرويو ۾ ريمارڪس کي غلط رپورٽ ڪيو ويو، نگران وزيراعظم چيو هو ته چونڊن ۾ حصو وٺڻ حق آهي پر ڏوهن تي سزا قانوني طور جائز آهي.
اطلاعات واري وزارت جو چوڻ آهي ته اهو افسوسناڪ آهي ته انٽرويو جي هڪ حصي کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو، غلط تاثر ڏنو ويو ته ڪنهن مخصوص شخص کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.