لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته نگران گهرو وزير بيان ڏيڻ کان اڳ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جو انجام ڏسي ڇڏي.
راڻا ثناءُ الله نگران گهرو وزير جي بيان کي حد کان وڌيڪ قرار ڏيندي چيو ته سرفراز بگٽي صاحب بيان ڏيڻ کان اڳ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جو انجام ڏسي ڇڏي.
هن چيو ته نواز شريف خلاف سازش تي نقصان ملڪ ۽ عوام کي ٿيو، نواز شريف خلاف ڪوڙا ڪيس ٺاهي ملڪ ۽ قوم سان دشمني ڪئي وئي، نواز شريف تي الله پاڪ جي رحمت ۽ هيٺ عوام جي فورس آهي.
سندس چوڻ هو ته سرفراز بگٽي بيان بازي ڪري پنهنجو قد وڌائڻ جي ڪوشش نه ڪري، نواز شريف جيلن ۽ فورس کي منهن ڏئي چڪو آهي، نواز شريف جي ڳڻتي ڇڏيو پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏيو.
راڻا ثناءُ الله چيو ته نواز شريف کي 21 آڪٽوبر تي ڪاڏي وڃڻو آهي، اهو فيصلو گهرو وزارت يا وفاق جو نه پر عوام جو هوندو، نواز شريف اڳ جيان عدالتن ۾ قانون موجب گهرجون پوريون ڪندو.
You might also like