لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا سان واسطو رکندڙ صحت جي ماهرن هڪ نئين بيماري ڊزيز ايڪس(Diseas X) بابت ڊيڄاريندڙ انڪشاف ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽس موجب ان بيماري کي صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) ڊزيز ايڪس جو نالو ڏنوآهي.
ماهرن خبردار ڪيو آهي ته اها بيماري 2019ع جي آخر ۾ آيل وبا ڪورونا وائرس کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي.
هڪ تازي انٽرويو دوران برطانوي ويڪسين ٽاسڪ فورس جو حصو رهندڙ برطانوي ڊاڪٽر ڪيٽ بنگهم انڪشاف ڪيو ته ان وائرس به ان وائرس جا به ايترا ئي خطرناڪ اثر سامهون اچي سگھن ٿا جيڪي 1919ع ۾ اسپينش فلو جا آيا هئا.
ٻي پاسي صحت جي عالمي اداري چيو آهي ته اها بيماري ايڪس ڪا نئين شيءِ ٿي سگھي ٿي، اهو وائرس، جراثيم يا فنگس ڪجهه به ٿي سگھي ٿو، جنهن جي علاج بابت ڪا به خبر ناهي.
ٻي پاسي ڪيٽ بنگهم پنهنجي انٽرويو دوران ٻڌايو ته اسپينش فلو 5 ڪروڙ ماڻهن جون حياتيون ڳڙڪايون تنهنڪري اڄ به اهڙن وائرسز جي موجودگي سان ايتريون ئي فوتگيون ٿي سگھن ٿيون.
هن چيو ته ڊزيز ايڪس کي منهن ڏيڻُو آهي دنيا کي وڏي پيماني تي ويڪسين جي تياري ڪرڻي پوندي ۽ رڪارڊ مدي ۾ ڊوز لڳائڻا پوندا.
ڊزيز ايڪس بابت برطانوي ڊاڪٽر ٻڌايو ته اهو ايترو وچڙندڙ ٿي سگھي ٿو جيتري اُرڙي هوندي آهي ۽ ايترو موتمار ٿي سگھي ٿو جيترو ايبولا وائرس آهي.
هن اهو به چيو ته اهو دنيا ۾ ڪٿي نه ڪٿي وڌي رهيو آهي ۽ ڪڏهن نه ڪو ان وائرس مان بيماري محسوس ڪندو.
You might also like