چيٽ جي پي ٽي ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جوڳو ٿي ويو

اوپن اي آءِ پاران تيار ڪيل چيٽ جي پي ٽي هاڻ ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جوڳو ٿي ويو آهي.
ڪمپني طرفان هٿرادو ذهانت (اي آءِ) ٽيڪنالوجي سان ليس چيٽ بوٽ ۾ وڏيون اپ ڊيٽس ڪيون ويون آهن، جنهن کان پوءِ واهپيدار موبائل تي چيٽ جي پي ٽي سان ڳالهائي سگھن ٿا ۽ ان مقصد لاءِ 5 آوازن مان ڪنهن به هڪ جي چونڊ ڪري سگھجي ٿي.
اهڙيءَ طرح واهپيدار چيٽ جي پي ٽي سان تصويرون شيئر ڪري ان جي مخصوص حصن جو تجزيو ڪرائي سگھن ٿا.
ڪمپني ٻڌايو ته اهي نوان فيچر ماهوار فيس ادا ڪندڙ واهپيدارن کي ايندڙ 2 هفتن تائين دستياب هوندا.

وائس چيٽ جو آپشن آءِ او ايس ۽ اينڊرائڊ ڊوائيسز تي چيٽ جي پي ٽي جي هڪ ايپ تائين محدود هوندو جڏهن ته اميج پراسيسنگ جو فيچر سنڀي پليٽ فارمز تي دستياب هوندو.
واضح رهي ته اوپن اي آءِ نومبر 2022ع ۾ چيٽ جي پي ٽي کي متعارف ڪرايو هو جنهن کان پوءِ سچي دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو ان کي استعمال ڪري رهيا آهن.
چيٽ جي پي جي مقبوليت ٻين وڏين ٽيڪنالوجي ڪمپنين جهڙوڪ گوگل ۽ ميٽا کي پنهنجي اي آءِ چيٽ بوٽس متعارف ڪرائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.
مائڪرو سافٽ ته چيٽ جي پي ٽي تي ٻڌل اي آءِ سسٽمز کي لڳ ڀڳ پنهنجين سڀني سروسز جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي.
اوپن اي آءِ موجب چيٽ جي پي ٽي جي نئين وائس فيچر جي ڪري اهو چيٽ بوٽ رات جو ڪهاڻيون ٻڌائڻ جوڳو ٿي ويو آهي.
اهڙيءَ طرح واهپيدار تصويرون ڪڍي چيٽ بوٽ کان ان بابت مختلف سوال پڇي سگھندا.
اهو گوگل لينس جهڙو فيچر هوندو جنهن جي ذريعي تصوير بابت تفصيل حاصل ڪري سگھجن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.