ڊريسنگ روم ۾ جهيڙي جون خبرون، بابراعظم جو ردعمل اچي ويو

لاهور ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ڪجهه ڏينهن اڳ فاسٽ بالر شاهين آفريدي جي حوالي سان ڊريسنگ روم ۾ جهيڙي جي خبرن جي ترديد ڪئي آهي.

اڱاري ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي بابر اعظم هڪ صحافي جي سوال جو جواب ڏيندي چيو ته سڀ عزت ڏيندا آهن، جڏهن ڪا ميچ ويجهو اچي هارائيندا آهيون ته ميٽنگ دوران معاملا بحث هيٺ ايندا آهن پر ان کي جهيڙي جو رنگ ڏيڻ غلط آهي.

بابر اعظم چيو ته اهڙي ڪا ڳالهه نه هئي، ڊريسنگ روم ۾ ٿيل ڳالهه ٻول کي جهيڙي جو رخ ڏنو ويو، اسان هڪٻئي سان گهرڀاتين جيان پيار ڪندا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.