فيض آباد ڌرڻو ڪيس، سُپريم ڪورٽ مان وڏي خبر اچي وئي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) فيض آباد ڌرڻو نظرثاني ڪيس ۾ انٽيليجنس بيورو سُپريم ڪورٽ ۾ داخل نظرثاني درخواست واپس وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

سُپريم ڪورٽ ۾ فيض آباد ڌرڻو نظرثاني ڪيس ۾ انٽيليجنس بيورو جي ڊپٽي ڊائريڪٽر متفرق درخواست داخل ڪري ڇڏي.

درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته انٽيليجنس بيورو فيصلي خلاف نظرثاني جي درخواست واپس وٺڻ چاهي ٿي انڪري متفرق درخواست منظور ڪري نظرثاني درخواست واپس وٺڻ جي اجازت ڏني وڃي.

ٻئي پاسي شيخ رشيد جي وڪيل فيض آباد ڌرڻو نظرثاني ڪيس جي التوا جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته شيخ رشيد حراست ۾ آهي ۽ ساڻس رابطو ناهي ٿي رهيو، سندس وڪيل امان الله ڪنراڻي هاڻي قانون وارو صوبائي وزير آهي انڪري هو صوبائي وزير طور فيض آباد ڪيس ۾ پيش نٿو ٿي سگهي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

ياد رهي ته سُپريم ڪورٽ فيض آباد ڌرڻو نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي 28 سپٽيمبر تي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.