سک اڳواڻ جي قتل بابت آمريڪي ميڊيا جا انڪشاف

ڪئناڊا ۾ خالصتان تحريڪ جي اڳواڻ هرديپ سنگهه نجر جي قتل بابت آمريڪي ميڊيا طرفان انڪشاف سامهون آيا آهن.
رپورٽس موجب آمريڪي ميڊيا اکين ڏٺن شاهدن ۽ سي سي ٽي وي ڪيمرا فوٽيجز جي بنياد تي دعويٰ ڪئي آهي ته هرديپ سنگهه نجر جي قتل ۾ ٽي نه پر 6 ڄڻا ملوث هئا.
آمريڪي ميڊيا اها به دعويٰ ڪئي آيه ته خالصتان تحريڪ جي اڳواڻ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن هڪ نه پر ٻه گاڏيون استعمال ڪيون، هرديپ سنگهه جي گاڏي کي جوابدارن جي گاڏي پارڪنگ ۾ ئي روڪيو، جنهن کان پوءِ اوچتو ٻن جوابدارن فائرنگ ڪئي.
آمريڪي ميڊيا موجب جوابدارن 50 گوليون هلايون، 34 گرودواري جي سربراهه هرديپ سنگهه نجر کي لڳيون.
ان کانسواءِ اها به دعويٰ ڪئي وئي آهي ته نجر جو قتل پهريان رپورٽ ڪيل واقعي کان وڌيڪ منظم هو.
واضح رهي ته خالصتان جي حامي سک اڳواڻ هرديپ سنگهه نجر کي 18 جون تي ڪئناڊا جي شهر سري ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.