ڇهن مهينن دوران پي آءِ اي کي وڏو مالي نقصان، انگ اکر سامهون اچي ويا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پي آءِ اي جي مالي سال 2023ع جي پهرين ڇهه ماهي جي رپورٽ سامهون آهي جنهن موجب اداري کي سٺ ارب 71 ڪروڙ کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي.

رپورٽ موجب، سال 2022ع جي پهرين ڇهه ماهي دوران پي آءِ اي جا نقصان 41 ڏهائي 31 ارب رُپيا هئا، سال 2023ع جي پهرين ڇهه ماهي ۾ رُپئي جي اگهه ۾ لاٿ سبب 27 ڏهائي 45 ارب رُپين جو نقصان ٿيو.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سال 2022ع جي پهرين ڇهه ماهي دوران ايڪسچئينج جا نقصان 13 ڏهائي 85 ارب رُپيا هئا، سال 2023ع جي پهرين ڇهه ماهي ۾ فيول ۽ آئل جي مد ۾ 48 ڏهائي 34 ارب رُپيا خرچ ٿيا، سال 2022ع جي پهرين ڇهه ماهي دوران فيول ۽ آئل جي مد ۾ ٽيهه ڏهائي 78 ارب رُپيا خرچ ٿيا.

رپورٽ موجب، سال 2023ع جي پهرين ڇهه ماهي دوران فنانس جي لاڳت 36 ڏهائي 82 ارب رهي، سال 2022ع جي پهرين ڇهه ماهي ۾ فنانس جي لاڳت 21.11 ارب رُپيا هئي.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سال 2023ع جي پهرين ڇهه ماهي ۾ مجموعي ريونيو 120 ارب 27 ڪروڙ رپيا جمع ٿيا، گذريل سال جي 6 مهينن جي ڀيٽ ۾ سال 2023ع جي پهرين ڇهه ماهي دوران 11 ڏهائي 25 ارب رُپين جا اضافي ريونيو حاصل ٿيا، سال 2022ع ۾ جي پهرين ڇهه ماهي ۾ ريونيو جي مد ۾ 71 ڏهائي 19 ارب رُپيا جمع ٿيا هئا.

رپورٽ موجب، آپريشنل ڪاسٽ ۾ فيول ۽ آئل جي قيمت وڌڻ سبب 41 سيڪڙو خرچن ۾ اضافو ٿيو، وياج جي شرح وڌڻ سبب به ويهه سيڪڙو اضافي ادائيگي ڪرڻي پئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.