پيءُ کان اداڪاري جي اجازت وٺندي هيس ته چوندو هو ته شادي کان پوءِ ڪجان: حرا سومرو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور ڊرامي ”تيري بن“ ۾ هيرو مرتسم جي ڀيڻ مريم جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪارا حرا سومرو چيو آهي ته هن کي ننڍپڻ کان ئي اداڪاري جو شوق هو پر هوءَ جڏهن به پيءُ کان ان جي اجازت وٺندي هئي ته پيءُ کيس چوندو هو ته پهريان شادي ڪر، پوليس ڪري وٺجان.
حرا سمورو هڪ شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن شوبز سوڌو ٻين معاملن تي به کُلي ڪري ڳالهايو.
اداڪارا انڪشاف ڪيو ته هوءَ جلد ئي پهرين فلم ۾ نظر ايندي، پر هن فلم بابت وڌيڪ ڪي به تفصيل ناهن ٻڌايا.
اداڪارا چيو ته هو پڙهائي ۾ سٺي هئي ۽ سندن والدين جي خواهش هئي ته هو ڊاڪٽر يا وڪيل بڻجي.
هن موجب هن جو واسطو سنڌي گھراڻي سان آهي ۽ سنڌي والدين جي ڪوشش هوندي آهي ته هنن جا ٻار ڊاڪٽر، انجينيئر يا وڪيل بڻجن، ان ڪري هن تي به اهڙو ئي دٻاءُ هو.
حرا سومرو ٻڌايو ته پيءُ وڏي ڏکيائي سان هن کي ميڊيا انڊسٽري جي اجازت ڏني ۽ پوءِ هن هدايتڪارا طور ڪم شروع ڪيو.
اداڪاري ۽ شادي جي معاملي تي ڳالهائيندي حرا سومرو جو چوڻ هو ته هن کي ننڍپڻ کان ئي اداڪاري جو شوق هو پر هن کي اجازت نه ڏني ويندي هئي.
هن ٻڌايو ته هو جڏهن به پيءُ کي اداڪاري ڪرڻ جو چوندي هئي ته هو کيس چوندو هو ته پهريان شادي ڪر، پوءِ جيڪو وڻئي ڪجان.
اداڪارا مرڪندي چيو ته اداڪاري جي شوق جي ڪري ئي هن جلد شادي ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.