وارهه ۾ هڪ مهينو اڳ اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايل نينگري نازيا چنا فوت ٿي وئي.
هڪ مهينو اڳ 5 وحشي جوابدارن پاران جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايل سومرا محلي جي رھواسڻ نينگري نازيا چنو ڪجهه عرصي کان ڪراچي جي سول اسپتال ۾ وينٽري ليٽر تي زندگي جي ٻه واٽي تي بيٺل هئي جنهن اڄ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو آهي
نينگر جي وارثن پاران 5 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو هو جن مان ٽن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي پر ٻه جوابدار اڃا تائين پوليس جي پڪڙ کان آزاد آهن.