مان ڪنهن به پوزيشن تي کيڏڻ لاءِ تيار آهيان: عبدالله شفيق

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽر عبدالله شفيق چيو آهي ته مان ڪنهن به نمبر تي بيٽنگ ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.
لاهور ۾ ميڊيا سيشن دوران عبدالله شفيق چيو ته مون کي جڏهن به موقعو مليو ته پنهنجي صلاحيتن موجب پرفارم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.
هن چيو ته مان ورلڊ ڪپ لاءِ تمام گهڻو پرجوش آهيان ۽ پنهنجي ڪارڪردگي ذريعي ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ چاهيان ٿو.
سندس چوڻ هو ته مون کي جديد دور ۾ کيڏڻ لاءِ رهنمائي ملي آهي ۽ مان ان تحت ئي ڪم ڪندس، مان ڪنهن به پوزيشن تي کيڏڻ لاءِ تيار آهيان.
واضح رهي ته عبدالله شفيق کي ڀارت ۾ شيڊيول عالمي ڪپ لاءِ قومي ٽيم جي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.