نيون ماڊلز مارڪيٽ ۾ اچي ويون، پراڻين کي خطرو

ايندڙ ڪجهه سالن ۾ انسانن جي جاءِ تي روبوٽس ڪم ڪندا.
جتي دنيا تيزي سان هٿرادو ذهانت جي ٽيڪنالوجي جي سفر ۾ اڳتي وڌي رهي آهي اتي ئي انساني زندگي ۾ ان جا اثر به تيزي سان نظر اچي رهيا آهن. مختلف ملڪن جي ڪمپنين هاڻي انسانن بدران هٿرادو ذهانت جون خدمتون وٺڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن.
چين ۾ هڪ نئون رجحان شروع ٿي ويو آهي جتي مختلف ڪمپنيون پنهنجون شيون وڪرو ڪرڻ لاءِ پنهنجن اشتهارن ۾ انسانن بدران هٿرادو ذهانت وارين ماڊلز کي استعمال ڪري رهيون آهن اهي هٿرادو ماڊلز انسانن جيان ئي لڳن ٿيون.
انهن ڪمپنين جي اشتهارن ۾ ڏيکاري ويندڙ لوڪيشن ۽ شيون ته اصلي هجن ٿيون پر ماڊلز جي جاءِ هٿرادو ذهانت وٺي ڇڏي آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته 2030ع تائين رڳو چين ۾ ان ٽيڪنالوجي جي صنعت 42 ارب ڊالرز تائين پهچي سگھي ٿي، تنهنڪري جتي اها ٽيڪنالوجي انسانن لاءِ فائديمند آهي اتي اها نقصانڪار به بڻجي سگھي ٿي.
اهم ۽ خطرناڪ ڳالهه اها آهي ته اها ٽيڪنالوجي گھڻي تيزي سان سڄي دنيا ۾ پکڙجي رهيو آهي، ۽ ايندڙ ڪجهه سالن ۾ انسانن جي جاءِ تي روبوٽس ڪم ڪندا، ٽيڪنالوجي جو اهو رخ (اسانن) لاءِ نقصانڪار هوندو.
واضح رهي ته ايلون مسڪ اوپن آرٽيفيشل انٽيليجنس جي بانين مان هو جنهن 2017ع جي آخر ۾ لانچ ٿيڻ تي فيڊنگ ڪئي هئي، ظاهري طور ايلون به ان ڪم جي مخالف ڪندي دليل ڏئي رهيو آهي ته نون سسٽمز کي غلط طريقي سان منافعو ڪمائڻ لاءِ بڻايو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.