ايلون مسڪ، برنارڊ آرنلٽ، جيف بيزوس ۽ بل گيٽس دنيا جا امير ترين ماڻهو سمجهيا ويندا آهن.
پر انهن مان ڪنهن جو به گھر هڪ مسلمان حڪمران جي محل جو مقابلو نٿو ڪري سگھجي جنهن کي دنيا جو سڀ کان وڏو گھر قرار ڏنو ويندو آهي.
اهو آهي برونائي جي سلطان حسن البلقيه جو محل آستانو نور الايمان، جنهن جو نالو دنيا جي سڀ کان وڏي محل جي حيثي سان گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊز ۾ درج آهي.
اهو گھر برونائي جي راڄڌاني بندر سري بگاوان ۾ موجود آهي.
راڄني جي ڏ؛ڻ ۾ ڪجهه ميل پري برونائي درياهه جي ڪناري تي هڪ گھر موجود آهي جنهن جون ڀتيون اڇي رنگ جون آهن پر سونهري گنبد ۽ مينار پري کان ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويندو آهي.
اهو گنبد 22 قيراط سون سان سجيل آهي.
انهيءَ گھر ۾ سلطان جو خاندام رهندو آهي جنهن جي تعمير 1984ع ۾ مڪمل ٿي هئي.
ان جي ڊزائين Khuan Chew تيار ڪئي هئي جڏهن ته ان جي تعمير Leandro Locsinنالي آرڪيٽيڪٽ ڪئي.
هڪ ڪاٿي موجب ان محل جي تعمير تي هڪ ارب 40 ڪروڙ ڊالرز خرچ ڪيا ويا.
گھر جي جون ڪجهه انوکيون خاصيتون
21 لک 50 هزار 782 اسڪوائر فوٽ ايراضي تي پکڙيل ان محل ۾ 1788 ڪمرا ۽ 257 کان وڌيڪ باٿ رومز موجود آهن.
ان جو بينڪوئٽ هال ايترو وڏو آهي جو هڪ وقت ۾ اتي 5 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي دعوت ڪري سگھجي ٿي.
اهڙيءَ طرح محل جي گيراج ۾ 110 گاڏي بيهاري سگھجن ٿيون جڏهن ته 5 وڏا سوئمنگ پولز به اتي موجود آهن.
گھوڙن جو اي سي وارو واڙو، تمام وڏي مسجد ۽ 18 لفٽس به محل جو حصو آهن.
ان محل جي عمارت جي اندر 564 فانوس لڳل آهن ۽ سڄي سال ۾ رڳو ٽي ڏينهن (عيدالفطر جي موقعي تي) اتي عام ماڻهن کي اندر اچڻ جي اجازت هوندي آهي.
اهو خيال ڪيو ويندو آهي ته ان محل جي قيمت 2 ارب 55 ڪروڙ ڊالرز آهي پر اهو غير تصديقي ڪاٿو آهي.
برونائي جي سلطان جو محل ئي دنيا ۾ سڀ کان وڏو ناهي پر ان جي گاڏين جو ذخيرو به دنگ ڪري ڇڏيندڙ آهي.
دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ رولز رائس گاڏيون برونائي جي سلطان جي ملڪيت آهن، گنيز ورلڊ رڪارڊ ۾ 2011ع ۾ اهو رڪارڊ هن جي نالي ڪيو ويو هو.
هڪ ڪاٿي موجب برونائي جي سلطان جي گاڏين جي گڏيل ماليت 3 کان 4 ارب ڊالرز آهي.