ڪوئن ٻالڪ کي زخمي ڪري ڇڏيو، والدين گرفتار

آمريڪا ۾ ڪوئن 6 مهينن جي ٻار کي چڪي سخت زخمي ڪري ڇڏيو جڏهن ته پوليس لاپرواهي ڪرڻ تي ٻار جي والدين ۽ ٻار جي چاچِي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب اهو افسوسناڪ واقعو آمريڪي رياست انڊيانا ۾ پيش آيو جتي هڪ شخص پنهنجي 6 مهينن جي ٻار کي ڪوئن پاران کي چڪ هڻي سخت زخمي ڪرڻ جو اطلاع پوليس کي ڏنو.
پوليس ٻڌايو ته ڪال ايندي ئي پوليس ٿڏي تي پهتي ۽ پيءُ طرفان ٻڌايو ويو ته ٻار سمهي رهيو هو ته ڪوئن هن تي حملو ڪري ڏنو جنهن سبب هو سخت زخمي ٿي پيو.
ان حوالي سان پوليس اختيارين جو چوڻ هو ته جڏهن هو لاڳاپيل گھر پهتا ته هنن ڏٺو ته 6 مهينن جو ٻار رتورت هو، ڪوئن هن جي مٿي، چهري ۽ جسم جي ٻين 50 کان وڌيڪ حصن تي چڪ هنيا هئا.
جڏهن ته چئني آڱرين ۽ کٻي هٿ جي آڱوٺي جي مٿان گوشت به غائب هو جنهن سبب آڱرين جا هڏا نظر اچي رهيا هئا.
پوليس ٻڌايو ته زخمي ٻار کي اسپتال منتقل ڪري ان جو علاج ڪيو ويو ۽ ٻار خوش قسمتي سان بچي ويو جنهن کي ٻارن جي سار سنڀال ڪندڙ فلاحي اداري جي حوالي ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب جنهن گھر ۾ ٻار کي ڪوئن چڪي زخمي ڪيو اهو تمام گندو هو ۽ هنڌ هنڌ تي ڪوئا گھمي رهيا هئا.
پوليس موجب پوليس قانون موجب ڪارروائي ڪندي ٻار جي والدين ۽ ٻار جي عورت مائٽياني کي گرفتار ڪري معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.