عمرڪوٽ: معذور پورهيت جي وس وارن کان علاج ۽ مالي سهائتا جي اپيل

عمرڪوٽ جي شيواڻي پاڙي جي رهواسي معذور پورهيت وس وارن کان علاج ۽ مالي سهائتا جي اپيل ڪئي آهي.

هڪ ڄنگهه کان معذور پورهيت هرو مالهي ڀاڄي ۽ فروٽ جو ريڙهو هلائي ٻچن جو پيٽ پاليندو آهي زخم ٿيڻ سبب سندس ٻي ڄنگهه به خراب ٿي وئي آهي جنهن سبب هو گھمڻ ڦرڻ کان لاچار بڻجي ويو آهي.

معذور پورهيت هرو مالهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آئون اڳ ئي معذور هيس هاڻي ٻي ڄنگهه به خراب ٿي وئي آهي مسڪين آهيان ريڙهو هلائي ٻچن جو پيٽ پاليندو آهيان بيماري سبب فاڪاڪشي واري زندگي گھاري رهيو آهيان حڪومت ۽ وس وارن کي اپيل آهي ته منهنجو علاج ڪرائي مالي سهائتا ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.