دنيا جي سڀ کان وڏي حسن جي مقابلي ۾ حصو وٺندڙ اها خوبصورت حسينا ڪير آهي جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس (ٽوئيٽر) تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هڪ پاڪستاني ماڊل مس گرينڊ انٽرنيشنل جو مقابلو کٽڻ لاءِ ريمپ تي ڪيٽ واڪ ڪندي نظر اچي رهي آهي. ان ايونٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ خوبصورت نظر اچڻ لاءِ هن ڪاري ۽ سائي رنگ جو حسين لباس پهريو هو.
ان ڇوڪري جو نالو انيسا شيخ آهي جيڪا سال 2022ع ۾ مس گرينڊ پاڪستان بڻجڻ ۾ ڪامياب ٿي هئي جنهن کان پوءِ هن انڊونيشنيا ۾ رٿيل مس گرينڊ انٽرنيشنل جي تقريب ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي.
Who is she, and where is she from? 🤔 pic.twitter.com/McYjqMDcNL
— Islamabadies (@Islamabadies) September 19, 2023
ڄاڻايل وڊيو هن جي ان ايونٽ جي آهي. بهرحال انيسا اهو مقابلو کٽڻ ۾ ناڪام ٿي وئي هئي. ائين برازيلين ماڊل ازابيلا مينن اهو مقابلو کٽي وئي هئي.
وڌيڪ اهو ته انيسا شيخ پيشي جي اعتبار سان هڪ پروفيشنل ماڊل، گلوڪارا ۽ گيت لکندڙ مشهور شخصيت آهي.
ان کانسواءِ جڏهن کان اها پراڻي وڊيو سوشل ميڊيا جي زينت بڻي آهي تڏهن کان ئي پاڪستاني قوم سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهي آهي.