ڳيريلو: ڳوٺ محبوب بروهي جو بوائز پرائمري اسڪول زبون حال، ٻارڙا ٽينٽ ۾ تعليم پرائڻ تي مجبور

ڳيريلو جي ڳوٺ محبوب بروهي جي بوائز پرائمري اسڪول جي عمارت زبون حال بڻجي وئي آهي جنهن سبب ٻارڙا ٽينٽ ۾ تعليم پرائڻ تي مجبور بڻيل آهن.

تعيلم کاتي پاران اسڪول تعمير ڪرڻ لاءِ ڪي به اپاءَ ناهن ورتا ويا. ان سلسلي ۾ اسڪول جي شاگردياڻين ۽ شاگردن هٿن ۾ ڪتاب کڻي اسڪول جي تعمير لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

احتجاج ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو چوڻ هو ته اسڪول جي عمارت زبون حال بڻيل آهي سخت گرمي ۾ ٽينٽ ۾ تعليم پرائي رهيا آهيون.

اسڪول هيڊ ماستر وحيد علي نوناري ميڊيا کي ٻڌايو ته  اسڪول جي عمارت جي تعمير لاءِ تعليم کاتي جي اعليٰ آفيسرن کي ڪافي ڀيرا چئي چڪا آهيون پر هن وقت تائين ڪو به تدارڪ ناهي ٿي سگھيو.

شاگردن ۽ شاگردياڻين اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته اسڪول جي عمارت تعمير ڪرائي اسان جي تعليم بچائي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.