ڄامشوري ۾ سگا پاران ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ بدامني خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي.
سگا ڄامشورو جي صدر حافظ الهندو تيوڻو، زاهد مرتضي ڌاريجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو آهي. احتجاج ۾ سياسي سماجي اڳواڻن، شاگردن ۽ شهرين شرڪت ڪئي.
احتجاج ڪندڙن اڳواڻن جو چوڻ ھو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي مسڪين طبقي جو جئيڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي ملڪ ۾ ھٿرادو مھانگائي ڪري عوام کي ھڪ ويلي جي ماني لاء به پريشان ڪيو ويو آهي.
هنن چيو ته مهانگائي سبب سنڌ ۾ بدامني وڌي وئي آھي حڪومت کان مطالبو آهي ته مهانگائي تي ضابطو آڻي امن امان بحال ڪرايو وڃي.