گھوٽڪي: فوتي کاتو تبديل ڪرڻ تي تپيدار کي 4 سال قيد جي سزا

گھوٽڪي جي اينٽي ڪرپشن عدالت فوتي کاتو تبديل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي تپيدار کي چار سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

اينٽي ڪرپشن گهوٽڪي جي عدالت  ۾ اوٻاوڙو جي رهواسي فريادي ميان افتخار احمد جي درخواست تي ٻڌڻي  ٿي.

عدالت ۾ تپيدار نظير احمد شيخ مٿان فوتي عبدالرشيد آرائين جو فوتي کاتو تبديل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيو جنهن بعد عدالت تپيدار نظير احمد شيخ کي چار سال قيد جي سزا ٻڌائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.