ڊالر ذخيرو ڪندڙن جو گهيرو وڌيڪ تنگ ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ڊالر ذخيرو ڪندڙن جو گهيرو وڌيڪ تنگ ۽ ڊالر خريد ڪندڙن جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
حڪومت ڊالر ذخيرو ڪندڙن جي ڊيٽا گڏ ڪري انهن جي جاچ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ڊالر لڪائي رکندڙن خلاف پڪڙ سخت ڪئي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ان ڏس ۾ فنانشل مانيٽرنگ يونٽ جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون، فنانشنل مانيٽرنگ يونٽ ۽ ايڪسچينج ڪمپنين جي مدد سان ان حوالي سان ڊيٽا گڏ ڪئي ويندي.
ذخيرو ڪندڙ سرڪاري آفيسرن، سياسي ۽ ڪاروباري شخصيتن ۾ به هٿ وڌو ويندو.
حڪومت ڊالر گهرن ۾ لڪائيندڙن خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن ڪندي ۽ ذخيرو ڪندڙن جي گهرن ۽ نجي ملڪيتن تي ڇاپا هنيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.