هاڻي تصوير ۽ آواز جيان خوشبو کي به رڪارڊ ڪري سگھبو

اڄ جي هن ترقي يافتا دور ۾ هاڻي آواز ۽ تصوير جيان خوشبو ۽ بوءِ کي به رڪارڊ ڪري سگھبو.
سائنس ٽُڊي نالي رسالي ۾ ڇپيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بوءِ کي ڊجيٽل شڪل ڏيڻ جي پراجيڪٽ تي ماهرن جي هڪ ٽيم ڪم ڪري رهي آهي جن جو واسطو مونل ڪيميڪل سينسز سينٽر ۽ هڪ اسٽارٽ اپ ڪمپني اوسمو سان آهي.
ان تحقيق ۾ گوگل جي ڊيپ مائنڊ ٽيم جا ماهر به شامل آهن جيڪي ان بابت ريسرچ ڪري رهيا آهن ته جڏهن هوا ۾ ترندي بوءِ جا ماليڪيولز نڪ ۾ داخل ٿيندا آهن ته سنگهڻ جي قوت جا اعصاب ان کي ڪيئن دماغ تائين پهچائيندا آهن.
رپورٽ موجب تحقيقي جي نتيجي ۾ هنن هڪ ڪمپيوٽر ماڊل تيار ڪيو آهي جيڪو انسان جيان ڪم ڪري ٿو ۽ بوءِ جي مختلف قسمن کي پنهنجي يادداشت ۾ محفوظ رکڻ، انهن جي شدت جو اندازو لڳائڻ ۽ ان بابت ٻڌائڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ان ڪمپيوٽر ماڊل ۾ سکڻ جي اهليت به آهي.
وڌيڪ هو ته ڄاڻايل تحقيق ۾ شامل جوئل مين لينڊ جو چوڻ هو ته اهو ڪمپيوٽر ماڊل نه رڳو بوءِ کي سڃاڻي سگھي ٿو پر نئون خوشبو وغيرا جي تياري ۾ مدد به ڏئي سگھي ٿو.
ان کانسواءِ ڪيميڪلز جا ماليڪيولز جيئن ترتيب حاصل ڪري خوشبو يا بوءِ پيدا ڪندا آهن، ڪمپيوٽر جو لرننگ سسٽم ان ترتيب کي سامهون سرکندي اسان کي خوشبو ڏيندڙ نون ماليڪيولز جو نقشو فراهم ڪري سگھي ٿو.
جنهن کي اسان نه رڳو خوشبوسازي جي شعبي استعمال ڪري سگھون ٿا پر اهڙي خوشبو به تيار ڪري سگھون ٿا جيڪا مڇرن يا ٻين جيتن کي انسان کان پري رکڻ ۾ مدد ڏئي سگھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.