ڪنڌڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ڪنڌڪوٽ پوليس پراسرار نموني گم ٿي ويل 5 ورهين جي ٻارڙي هٿ ڪري وارثن حوالي ڪري ڇڏي.
انيلا ڌي مختيار چنا کي ڪنڌڪوٽ شهر مان هٿ ڪري وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس موجب ايس ايڇ او اي سيڪشن طارق کوسو ۽ سندس ٽيم ڪاروائي ڪندي نينگري کي شهر مان هٿ ڪري ورتو.
پوليس ٻڌايو ته نينگري زور ڳڙهه کان گلشير محلا ڪنڌڪوٽ مائٽن وٽ گهمڻ لاءِ آيل هئي، جتان اوچتو گم ٿي وئي. جنهن کي شهر مان هٿ ڪري وارثن حوالي ڪيو ويو.