ابوظهبي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن (يو اي اِي) مين گند گڏ ڪرڻ جا معاملا هاڻي روبوٽ انجام ڏيندا، پهريون ڀيرو ڊرون روبوٽن کي ترندي سامونڊي گند کي گڏ ڪرڻ لاءِ استعمال ۾ آندو ويندو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ان قدم جو مقصد جديد ٽيڪنالوجي ۽ سلوشنز ذريعي ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي.
رپورٽ موجب اهو جديد ترندڙ روبوٽ تازي ۽ کاري پاڻي ٻنهي ۾ ڪم ڪرڻ ۽ ننڍين تنگ جڳهين کي صاف ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
اهو لاڳيتو 6 ڪلاڪن تائين سيلف ڊرائيونگ موڊ م ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
ان جديد روبوٽ جي خاصيت اها آهي ته ان کي وڊيو ڪيمرا ۽ رموٽ سينسرز سان سلهاڙيو ويو آهي، اها ٽيڪنالوجي گند جي مختلف شڪلن مثلن پلاسٽڪ، شيشي، ڌاتو، ڪاغذ، ڪپڙي، رٻڙ وغيره کي ڌار ڪرڻ لاءِ مهارت سا پنهنجو ڪم ڪري ٿي.
ٻي پاسي گڏيل عرب امارتن دبئي کي ڀارتي شهر ممبئي سان ڳنڍڻ لاءِ پاڻي هيٺ ٽرين هلائڻ جو هڪ منصوبو بڻايو آهي.
عالمي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اهو 1200 ميل (2000 ڪلوميٽرز) جو سفر ٻنهي شرن وچ ۾ نه رڳو ماڻهن لاءِ پر پاڻي ۽ تيل سوڌو مختلف شين لاءِ به هڪ انوکي چر پر جو ذريعو ثابت ٿيندو.
يو اي اِي جي نيشنل ايدوائزر بيورو پاڻي هيٺ ريلوي لاءِ هڪ عمل جوڳو خاڪو تيار ڪرڻ 7 اهڙين ڪوششن لاءِ گھربل ٽرين جي قسم جو پتو لڳائڻ جو ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ان حوالي ڪوششن کي تيز ڪيو ويو آهي.
يو اي اِي ۽ ڀارت وچ ۾ مضبوط ۽ ويجها لاڳاپا آهن، ان کانسواءِ ان ٽرين جي تعمير ۾ دبئي جي دلچسپي جي حوصلا افزائي ڪندڙ اضافي سبب ٿي سگھن ٿا.