سوڌي جا ڇهه شڪار، نيوزيلينڊ ٻي ون ڊي ۾ بنگلاديش کي هارائي ڇڏيو

ميرپور ( ويب ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ ۾ بنگلاديش کي 86 رنسن تان هارائي سيريز ۾ 1-0 جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.

ميرپور جي شيرِ بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ۾ نيوزيلينڊ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ 49.2 اوورن ۾ 254 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.

ڪيوي ٽيم طرفان ٽوم بلنڊل 68 رنسون ٺاهي ٽاپ اننگز کيڏي، ٻين رانديگرن ۾ هينري نڪولس 49، ايش سوڌي 35، ڪائل جميسن 20 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.

بنگلاديش طرفان خالد احمد ۽ مهدي حسن 3،3 مسفيض الرحمان 2 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته حسن محمود ۽ نسم احمد جي حصي ۾ هڪ، هڪ وڪيٽ آئي.

255 رنسن جي جواب ۾ بنگلاديشي ٽيم 41.1 اوورن ۾ 168 رنسن تي ڍير ٿي وئي، آل رائونڊر محمود الله 49 ۽ تميم اقبال 44 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا.

نيوزيلينڊ طرفان ايش سوڌي شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي ڇهه بنگالي بيٽرن کي پويلين ڀيڙو ڪيو، ڪائل جميسن 2، لوڪي فرگوسن ۽ ڪول مئڪونچي 1، 1 وڪيٽ ورتي.

شاندار آل رائونڊ ڪارڪردگي تي ايش سوڌي کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.