بدامني ۽ دهشت پکيڙڻ جي الزام ۾ ”شيطاني گڏي“ گرفتار

ميڪسيڪن پوليس مشهور قاتل گڏي ”چڪي“ ۽ ان جي مالڪ کي گرفتار ڪري ورتو.
چڪي ۽ ان جي مالڪ کي هلندڙ هفتي جي شروعات ۾ اتر ميڪسيڪو جي هڪ علائقي جي ٿاڻي پهچايو ويو، رڪارڊ لاءِ مالڪ جي تصوير ورتي وئي، جنهن کانپوءِ گڏي جو به ”مگ شاٽ“ ورتو ويو.
تصوير لاءِ هڪ پوليس اهلڪار گڏي کي وارن کان جهلي بيٺو، جڏهن ته ان جو مشهور چاقو کيسي کان اڌ ٻاهر نظر آيو.
مقامي ميڊيا موجب گرفتار جوابدار هڪ ڪٺ پتلي ماسٽر آهي، جنهن جي سڃاڻپ (ميڪسيڪو جي اصولن تحت) رڳو ڪارلوس ”اين“ جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو مبينا طور تي ماڻهن کي ڊيڄارڻ ۽ پئسا گهرڻ لاءِ ان شيطان گڏي جو استعمال ڪندو هو.
گڏي ۽ ان جي مالڪ ٻنهي تي امن خراب ڪرڻ ۽ ٻين جي سلامتي خطري ۾ وجهڻ جو الزام لاڳو ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.