ڪير ڪير ڀارت ويندو؟ پي سي بي تفصيل جاري ڪري ڇڏيا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ عالمي ڪپ لاءِ قومي ٽيم مئنيجمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم جي مئنيجر طور ريحان الحق فرض انجام ڏيندو.

ٽيم ڊائريڪٽر مڪي آرٿر، هيڊ ڪوچ براڊ برن، بيٽنگ ڪوچ اينڊريو پيوٽِڪ ۽ مورني مورڪل بالنگ ڪوچ هوندو.

آفتاب خان فيلڊنگ ڪوچ، عبدالرحمان اسسٽنٽ ڪوچ، ڊاڪٽر سهيل سليم ٽيم ڊاڪٽر هوندو.

ڊريڪس سائمن سٽرينگٿ اينڊ ڪنڊيشنگ ڪوچ، ڪلف ڊيڪن فزيو ٿراپسٽ جا فرض انجام ڏيندو.

ورلڊ ڪپ ۾ احسن افتخار ناگي قومي ٽيم جو ميڊيا مئنيجر هوندو، عثمان انوري سيڪيورٽي مئنيجر، مقبول بابري سائيڪولوجسٽ، طلحا اعجاز اينالسٽ ۽ ملنگ علي مساجر جا فرض انجام ڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.