ڪراچي ۾ پوليس اهلڪارن جي فائرنگ ۾ ڪار سوار مارجي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اورنگي اسلام چوڪ تي گاڏي تي پوليس اهلڪارن جي فائرنگ سان نوجوان مارجي ويو.
ڪراچي ۾ پوليس جي فائرنگ ۾ ڪار سوار نوجوان مارجي ويو، ڊي آءِ جي ويسٽ عاصم قائمخاني موجب شروعاتي جاچ ۾ واقعو غلطي سان پيش آيو، پوليس ڪار نه روڪڻ تي گولي هلائي.
گاڏي تي فائرنگ سان ڪار سوار جي مارجڻ جي معاملي تي فائرنگ ڪندڙ چئن پوليس اهلڪارن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.
عاصم قائمخاني ٻڌايو ته 4 پوليس اهلڪار گشت ڪري رهيا هئا ته ڪار ۾ سوار شخص کي انهن روڪڻ جو اشارو ڪيو، اهلڪارن اڌ ڪلو ميٽر کان وڌيڪ پيڇو ڪيو ۽ نه بيهڻ تي گولي هلائي، اهلڪارن ٽائر تي گولي هڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر اها پويون شيشو ٽوڙيندي ڊرائيور کي وڃي لڳي.
اختيارين موجب ڪار ۾ وڏي مقدار ۾ سوپاريون سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي، ڪار جون پويون سيٽون ۽ ٻيا پارٽس نڪتل هئا.
اهلڪار ڪاشف شاهه، وقاص، احمد ۽ وزير کي حراست ۾ وٺي معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.