سنڌ ۾ ميڊيڪل سسٽم ڪمپيوٽرائزڊ ڪري رهيا آهيون: نگران صوبائي وزير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صحت بابت نگران وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز چيو آهي ته سڄي صوبي ۾ ميڊيڪل سسٽم ڪمپيوٽرائزڊ ڪري رهيا آهيون.
ڪراچي ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليونگ اينڊ لرننگ جي اهتمام هيٺ آپگهات جي روڪٿام جي حوالي سان تقريب ٿي.
تقريب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر سعد خالد نياز چيو ته سرڪاري اسپتالن جو اسٽاف ايمانداري سان ڪم نه پيو ڪري، مارڪيٽ ۾ دوائن جي کوٽ آهي، دوائن جو بليڪ ۾ وڪرو گهٽايو آهي.
هن چيو ته صحت جي شعبي ۾ وسيلا گهڻا آهن، جيڪڏهن انهن جو صحيح استعمال ٿئي ته ڪيترائي مسئلا حل ٿي ويندا.
سندس چوڻ هو ته سنڌ جي اسپتالن ۾ 30 سيڪڙو عملي جي کوٽ آهي، صحت کاتي ۾ غلط ڪم نه ڪندس، نه وري ڪنهن کي ڪرڻ ڏيندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.