ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) نگران سڌ سماءُ واري وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي وطن واپسي تي سڀ ڪجهه آئين ۽ قانون مطابق ٿيندو. جڏهن ته رُپئي جي اگهه ۾ واڌ سبب پيٽرول جي اگهه ۾ لاٿ جا امڪان وڌي ويا آهن.
ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ سولنگي چيو ته ڪراچي پريس ڪلب سندس گهر آهي، هن ڪلب جهموريت لاءِ ڪارائتو ڪردار ادا ڪيو آهي، صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ جيترو ممڪن ٿيو ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته نگران سرڪار هڪ آئيني ۽ قانوني حڪومت آهي، اسان جا اختيار محدود آهن ۽ اسان پنهنجي اختيارن مطابق هر ممڪن قدم کڻنداسين.
هن چيو ته عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين، اليڪشن ڪميشن هڪ آزاد ۽ خودمختيار ادارو آهي، اميد آهي ته چونڊن جي حتمي تاريخ جو اعلان به جلد ڪيو ويندو.
نگران وفاقي وزير چيو ته ڪجهه ماڻهن جو ڪاروبار آهي مونجهارا پيدا ڪرڻ ۽ وڌائڻ پر حڪومت جي ذهن ۾ ڪو به مونجهارو نه آهي، نگران وفاقي ڪابينا اليڪشن ڪميشن جي اعلان تي خوش آهي اسان جلد آئيني ذميواري پوري ڪنداسين.
پيٽروليم شين جي اگهن بابت سوال تي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته اهڙو انتظام هجي ۽ تيل جي پيداوار وڌي وڃي ته اسان تيل جا اگهه گهٽائي سگهون ٿا، جهڙي طرح ڊالر جي قيمت گهٽائي آهي، ڪوشش آهي ته پيٽرول جي قيمت به گهٽايون.
وفاقي وزير جو چوڻ هو ته اسان جي انتظامي قدمن سان ڊالر جي قيمت ٽيهه کان پنجٽيهه رُپيا گهٽي آهي، رُپئي جي اگهه ۾ واڌ سبب پيٽرول جي قيمت ۾ لاٿ جو گهڻو امڪان آهي.
نواز شريف ببات سوال تي نگران اطلاعات واري وزير چيو ته نواز شريف ٽي ڀيرا مُلڪ جو وزيرِ اعظم ۽ هڪ وڏي سياسي پارٽي جو قائد آهي، هو جيل جون ديوارون ٽوڙي نه پر حڪومت جي اجازت سان ٻاهر ويو هو.
هن چيو ته نواز شريف جڏهن واپس ايندو ته سڀ ڪجهه آئين ۽ قانون پٽاندڙ ٿيندو، نواز شريف حفاظتي ضمانت وٺي ايندو يا عدالت جو دروازو کڙڪائيندو، ان جو جواب هو نٿو ڏئي سگهي.
مرتضيٰ سولنگي چيو ته نواز شريف بابت سوالن جو جوان نگران حڪومت کي ناهي ڏيڻو، نواز شريف بابت سوالن جو جواب هو پاڻ يا هن مُلڪ جو آئيني نظام ڏيندو.
پيٽروليم شين جي اگهن بابت سوال تي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته اهڙو انتظام هجي ۽ تيل جي پيداوار وڌي وڃي ته اسان تيل جا اگهه گهٽائي سگهون ٿا، جهڙي طرح ڊالر جي قيمت گهٽائي آهي، ڪوشش آهي ته پيٽرول جي قيمت به گهٽايون.
وفاقي وزير جو چوڻ هو ته اسان جي انتظامي قدمن سان ڊالر جي قيمت ٽيهه کان پنجٽيهه رُپيا گهٽي آهي، رُپئي جي اگهه ۾ واڌ سبب پيٽرول جي قيمت ۾ لاٿ جو گهڻو امڪان آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ سڌ سماءُ واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي نالي تي ڪائي پابندي نه آهي، مُلڪ جي سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي هڪ جيترا موقعا ڏنا ويندا، ڪنهن جماعت تي ڪا به پابندي ناهي مڙهي وئي.