واشنگٽن( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا خالصتان تحريڪ جي اڳواڻ هرديپ سنگهه جي قتل تي ڀارت کان جاچ ۾ سهڪار جو مطالبو ڪيو آهي.
آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن ڪينيڊين شهري جي قتل ۾ ملوث ڀارتي سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته هو خالصتان تحريڪ جي اڳواڻ هرديپ سنگهه نجر جي قتل جي جاچ ۾ ڪئناڊا سان سهڪار ڪري ۽ يقيني بڻائي تي واقعي ۾ ملوث ماڻهن جو احتساب ڪيو ويندو.
بلنڪن چيو ته هو ان معاملي تي ڀارت ۽ ڪئناڊا سان ويجهي رابطي ۾ آهي، اِها اهم ڳالهه آهي ته معاملي جي جاچ مڪمل ٿئي ۽ نتيجو نڪري.