سوشل ميڊيا بليڪ آئوٽ کان بچائيندڙ وي پي اين ڇا آهي؟

جيئن ماڻهو ڪهاڻين ۾ هڪ سليماني ٽوپي جو ذڪر ڪندا آهن جنهن کي پهري اوهان ٻين جي نظرن کان گم ٿي ويندا آهيو، اهڙيءَ طرح وي پي اين يا ورچوئل پرائيويٽ نيٽورڪ هڪ قسم جي سليماني ٽوپي آهي جيڪا انٽرنيٽ واهپيدارن جي لوڪيشن کي لِڪائيندي آهي ۽ اختيارين کي خبر ناهي پوندي ته انٽرنيٽ ڪٿان استعمال ٿي رهي آهي.
رڳو اهو ئي نه پر واهپيدار وي پي اين جي مدد سان هڪ ملڪ ۾ ويهي پنهنجو پاڻ کي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ موجود ظاهر ڪري سگھن ٿا. مثال طور اوهان پاڪستان ۾ آهيو، پر وي پي اين جي مدد سان پاڻ کي برطانيا، بيلجيم يا ڪينيڊا يا ڪنهن به ملڪ ۾ ظاهر ڪري سگھو ٿا.
ائين ٿيڻ سان اهي پنهنجي ملڪ ۾ موجود ڪنهن به قسم جي پابندي کي باءِ پاس ڪري سگھن ٿا.
مثال طور پاڪستان ۾ هن وقت ٽوئيٽر ۽ فيسبڪ تي سرڪاري سطح تي پابندي لڳل آهي پر جڏهن ڪو واهپيدار وي پي اين ذريعي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي استعمال ڪري ته اهو پابندي کي باءِ پاس ڪري سگھي ٿو.
پاڪستان ۾ وي پي اين جي استعمال لاءِ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي سروس سان رجسٽر ڪرائڻ ضروري آهي ۽ اڻ رجسٽرڊ وي پي اين کي استعمال ڪرڻ قانوني ڀڃڪڙي آهي.
عالمي سطح تي ڪيتريون ئي ڪمپنيون وي پي اين سهولتون فراهم ڪن ٿيون جيڪي واهپيدار مفت يا فيس ادا ڪري استعمال ڪري سگھن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.