”ايڏو بل ڪير ڀري“ والدين تازي ڄاول ٻار کي اسپتال ڇڏي فرار

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست تلنگانه ۾ هڪ لک رپين کان وڌيڪ بل ادا نه ڪري سگھڻ تي والدين پنهنجو تازو ڄاول ٻار اسپتال ۾ ئي ڇڏي فرار ٿي ويا.
مقامي ميڊيا جي رپورٽس موجب اهو عجيب واقعو ڪنچن باغ جي ڪارپوريٽ اسپتال ۾ پيش آيو. والدين وٽ 13 ڏينهن اڳ ٻار جي پيدائش ٿي هئي.
اسپتال جوڙي کي 1 لک 61 هزار رپين جو بل ڏنو ته سندن هوش اڏامي ويا ۽ هنن فرار ٿيڻ جو پلان بڻايو.
پوليس موجب 23 ورهين جي جي نتن جي زال 20 ورهين جي راوليڪا 7 سيپٽمبر تي ٻار کي جنم ڏنو جنهن کي ڦڦڙن جو انفيڪشن هجڻ سبب علاج هيٺ رکيو ويو.
معصوم ٻار کي آءِ سي ايو ۾ ۽ پوءِ وينٽي ليٽر تي منتقل ڪيو ويو. جڏهن ٻار جي حالت وڌيڪ خراب ٿيڻ لڳي ته اسپتال انتظاميا علاج جاري رکڻ لاءِ والدين کي رهيل بل ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
پوليس ٻڌايو ته اسان کي اسپتال جي سيڪيورٽي گارڊ طرفان ڪال آئي ته والدين بل ادا ڪرڻ کانسوا ٻار اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا آهن، اسان ان سان جوڙي جي گھر جو پتو گھريو پر اڃا تائين اسان کي باضابطا شڪايت ناهي ملي.
ٻي پاسي جوڙي جي خاندان وارن ان الزام کي رد ڪري ڇڏيو آهي. جي راوليڪا جي ڀيڻ پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته اسان 35 هزار رپيا ادا ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته وڌيڪ پيسن جو بندوبست ڪري رهيا آهيون، ڊاڪٽر ٻار جو علاج ڪري رهيا آهن ۽ جلد اسان ٻار کي واپس وٺي اينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.