ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا اُشنا شاهه خانگي ٽي وي اسڪرين تي طلاق يافتا عورت جو ڪردار ادا ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هوءَ ڊرامي ۾ اهڙي عورت جو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿي جيڪا طلاق کان پوءِ خودمختيار ۽ خوشحال هجي.
اداڪارا گھڻو ڪري سماجي مسئلن ۽ عورتن جي حقن بابت ڳالهائيندي نظر ايندي آهي، هن ڪيترائي ڀيرا اقليتن سوڌو عورت ۽ انهن جي حقن بابت کُلي ڪري ڳالهايو آهي.
سماجي پليٽ فارم ذريعي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرڻ تي کيس ڪڏهن ڪڏهن واهپيدارن پاران تنقيد کي به منهن ڏينو پوندو آهي، پر ان جي باوجود هو اهڙن موضوعن تي کُلي ڪري ڳالهائڻ کي ترجيح ڏيندي آهي.
هاڻي تازو ئي اداڪارا طلاق جهڙي اهم سماجي مسئلي تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي.
سندس چوڻ ه وته هوءَ اسڪرين يا ڪهاڻين تي ڪم ڪرڻ ۾ وڌيڪ دلچسپي رکي ٿي جنهن ۾ طلاق بابت ناڪاري دقيانوسي تصور يا شرمندگي محسوس ڪرڻ بدران هاڪاري سوچ ۽ طلاق کان پوءِ خودمختيار زندگي جو تصور پيش ڪيو وڃي.
اشنا شاهه لکيو ته آئون اهڙين ڪيترين ئي اسڪرپٽس ۾ ڪم ڪيو جن مان خبر پوي ٿي ته طلاق کي بُرو سمجهيو ويندو آهي، جيتوڻيڪ آئون اسڪرپٽ کي تبديل نٿي ڪري سگھان ڇو جو اهو منهنجي ڪم جو حصو آهي پر طلاق بابت منهنجو نظريو مختلف آهي.
هن وڌيڪ چيو ته منهنجا پنهنجا والدين ڌار ٿي چڪا آهن ۽ سنگل پيرنٽ هجڻ سبب اسان جي پالڻا ڪرڻ لاءِ هنن ٽي ملازمتون ڪيون ۽ اسان جي سار سنڀال ۾ سخت محنت ڪئي، ان ڪري جوڙي جي وچ ۾ طلاق جو مثال منهنجي پنهنجي گھر ۾ آهي.
اداڪارا جو چوڻ هو ته آئون اهڙي ڪهاڻي جو حصو بڻجڻ چاهيان ٿي جنهن ۾ اهو ٻڌايو وڃي ته طلاق وٺڻ غلط ناهي، طلاق يافتا هجڻ کان پوءِ به خوشيو حاصل ڪري سگھن ٿيون.
سندس چوڻ هو ته هوءَ ڊرامي ۾ اهڙي عورت جو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿي جيڪا طلاق کان پوءِ خودمختيار ۽ خوشحال هجي.
اداڪارا چيو ته پروڊيوسر کي اهڙيءَ طرح جي اسڪرپٽ جي حمايت ڪرڻ تي راضي ڪرڻ ڏکيو آهي ڇو جو ان سان معاشري جي ڪجهه ماڻهن طرفان سخت ردعمل کي منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو.