ٽڪ ٽاڪ ۾ هڪ ٻئي نئين فيچر جو اضافو

ٽڪ ٽاڪ طرفان هڪ اهڙي نئين فيچر جي آزمائش ڪئي پئي وڃي جيڪو ان ايپ لاءِ انوکو ثابت ٿيندو.
ٽڪ ٽاڪ طرفان گوگل سرچ کي اِن ايپ (in app) سرچ رزلٽس جو حصو بڻائڻ تي ڪم ڪيو پيو وڃي.
هڪ ايڪس (ٽوئيٽر) واهپيدار ان فيچر بابت ٻڌايو جڏهن ته ٽڪ ٽاڪ جي ترجمان به ان جي تصديق ڪئي آهي.
ترجمان ٻڌايو ته گوگل سرچ فيچر کي ايپ جو حصو بڻائڻ جي آزمائش ڪجهه ملڪن ۾ ڪئي پئي وڃي.
ان فيچر جا تفصيل ته اڃا خبر ناهن پر گوگل سرچ کي ٽڪ ٽاڪ جو حصو بڻائڻ هڪ وڏو قدم آهي.
اها رپورٽ ان وقت سامهون آئي جڏهن ٽڪ ٽاڪ طرفان ايپ جي سرچ آپشن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي.
ان کان اڳ سوشل ٽڪ ٽاڪ خاموشي سان سرچ رزلٽس ۾ وڪيپيڊيا جي تفصيلن کي ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيو هو.
ان حوالي سان ڪمپني طرفان به تصديق ڪئي وئي هئي ته ٽڪ ٽاڪ ايپ سرچ رزلٽس ۾ واهپيدارن کي اضافي تفصيل فراهم ڪرڻ لاءِ وڪيپيڊيا سان ڀائيواري ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.