ڇا پاڪستان ٽيم اڃا به دعائن ۽ معجزن تي ڀاڙيندي؟

سنڌيڪار: سرمد سولنگي

اڳوڻي آمريڪي صدر جان ايف ڪينيڊي هڪ دفعي تاريخي جملو چيو هو” ڪاميابي جا ته ڪيئي وارث ٿي سگهن ٿا پر شڪست يتيم هوندي آهي“ جيڪڏهن پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي معاملن جو جائزو وٺجي ته اِها ان جملي تي پورو لهي ٿي، جڏهن اِها کٽيندي آهي ته ماڻهو ڪريڊٽ وٺڻ لاءِ سامهون ايندا  آهن جيڪي هڪ سيڪڙو به ان جا حقدار ناهن هوندا، رانديگر جي پاڙي جو دڪاندار به چوند آهي فلاڻي کي مان صلاحون ڏنيون اڄ هيرو بڻجي ويو.

شڪست تي ڪير ساٿ ناهي ڏيندو، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم بابر اعظم جي ڪپتاني هيٺ ڊگهي عرصي کان سٺي راند جو مظاهرو ڪري رهي آهي، ڏهاڪن کانپوءِ نوان سُپر اسٽار مليا، ان اعتماد جا فائدا ۽ نقصان به سامهون آيا.

ڪرڪيٽرن جي فين فالوونگ ۾ واڌرو ٿيو، اوهان ڪنهن تي ٿوري تنقيد ته ڪري ڏسو سندن سوشل ميڊيائي پرستار اوهان جي پويان پئجي ويندا ۽ گارين جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو شروع ٿي ويندو جيڪو ڪرڪيٽ جهڙي جئنٽلمين راند جي مداحن کي نٿو سونهين ۽ سندن ڀاڙي جا ايجنٽ حمايت ۾ ٽرينڊ هلائي ڇڏيندا، رانديگر ايترو ته سگهارا ٿي ويا آهن جو پي سي بي جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي قائدن ۽ ظابطن کي ڊڪٽيٽ ڪرڻ لڳا هئا.

عالمي ڪپ مٿان هو ۽ بورڊ جا وڏڙن به ڪنهن کي ناراض نه پئي ڪرڻ چاهيو انڪري فرمائشي پروگرام ٻڌندا رهيا جو وري ڪرڪيٽ ۾ نوَ مئي وارو سانحو ٿي ويو، ايشيا ڪپ ميچ ۾ ڏهه سپٽيمبر تي ڀارت، پاڪستان کي عبرتناڪ شڪست ڏئي تاريخ رقم ڪري ڇڏي، ان هڪڙي شڪست سان ٽيم آسمان تان اچي زمين تي ڦهڪو ڪيو، لاڏلن کان پڇاڻو ٿيڻ لڳو، پوءِ وري رهي سهي ڪسر سريلنڪا خلاف ناڪامي ۽ فائنل جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿيڻ تي پوري ٿي وئي.

بابر اعظم پاڪستان جو سُپر اسٽار آهي، هن بيٽر طور ڪيئي انفرادي ڪارناما انجام ڏنا آهن، ڪپتاني ۾ به ڪاميابيون ماڻيون آهن پر ايشيا ڪپ ۾ سندس فيصلن تي آڱريون کڄڻ لڳيون، خاص طور فيلڊ پليسنگ ۽ بالرن جي استعمال ۾ خاميون نظر آيون، آخري ميچ کانپوءِ سندس شاهين آفريدي سان ڏند چڪ خبرون سامهون آيون، پر قومي ٽيم جي ذريعن جو چوڻ آهي ته رڳو ميچ جي حوالي سان ڳالهه ٻول ٿي، هونئن بورڊ به حيران آهي ته اندر جا احوال ميڊيا تائين ڪير پهچائي رهيو آهي، ٿوري جاچ  ڪئي وئي ته هڪ پاڪستاني اوپنر جو نالو سامهون آيو.

گذريل ٻن ورهين دوران پاڪستان گهڻي قدر ڪرڪيٽ پنهنجي هوم گرائونڊن تي کيڏي آهي ۽ شيڊيولنگ ڪجهه اهڙي ريت هئي جو مختصر فارميٽ جي ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان جو ڪئلينڊر هر واري آءِ پي ايل( انڊين پريميئر ليگ ) سان ٽڪراءَ ۾ رهيو، جنهن سبب ڀلي پاڪستان، آسٽريليا، ڏکڻ آفريڪا ۽ نيوزيلينڊ تي واضح سرسي حاصل ڪئي پر حقيقت ۾ انهن تمام ٽاپ ليول ٽيمن جون جيڪي اليون پاڪستان خلاف کيڏيون، اِهي ڪنهن به لحاظ کان انهن جي پهرين ترجيح نه هئي پر مخالف ٽيمن جا بهترين رانديگر تڏهن آءِ پي ايل ۾ رُڌل هئا.

شايد اِهو ئي اُهو خال آهي ته معياري مخالف ٽيم خلاف مقابلي واري ڪرڪيٽ کيڏڻ جو گهٽ تجربو ايشيا ڪپ دوران کُلي سامهون آيو ۽ نمبر ون ٽيم ٽورنامنيٽ جي سُپر فور رحلي ۾ چوٿين نمبر تي رهجي وئي، ڪيئي ڏينهن جي انتظار بعد نيٺ اڄ ٽيم جو اعلان به ٿي ويو ۽ چيف سليڪٽر عالمي ڪپ لاءِ جيڪا ٽيم چونڊي آهي ان جي بنياد تي هو صرف دعا ئي گهري سگهي ٿو ته عالمي ڪپ جي چئن سيمي فائنلسٽس جي ڊوڙ ۾ سندس ٽيم ڪٿي ايشيا ڪپ وانگر پٺتي ئي نه رهجي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.