پاڪستان عالمي ڪپ لاءِ 15 رۡڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) چيف سليڪٽر انضمام الحق ڀارت ۾ شيڊيول ون ڊي ورلڊ ڪپ لاءِ بابر اعظم جي قيادت ۾ پاڪستان جي 15 رُڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٽي ريزرو رانديگر به اسڪواڊ سان گڏ ويندا.

هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ عالمي ڪپ جا مقابلا  پنج آڪٽوبر کان 19 نومبر تائين ڀارت جي مختلف شهرن ۾ کيڏيا ويندا.

پاڪستان ٽيم ايشيا ڪپ کان  ئي رانديگرن جي زخمي ۽ آئوٽ آف فارم ٿيڻ جي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن سبب اسڪواڊ جي اعلان ۾ دير ڪئي وئي.

نسيم شاهه ڪُلهي جي انجري سبب ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ جاءِ ناهي ٺاهي سگهيو، پر حارث رئوف جي صحتييابي ۽ واپسي سان فاسٽ بالنگ اٽيڪ ڪجهه مضبوط ٿيو آهي، جڏهن ته اسپنر شاداب خان ۽ فخر زمان جي فارم تي نظرون عالمي ڪپ دوران به کتل رهنديون.

ان سان گڏ ئي اهڙن رانديگرن جو اسڪواڊ ۾ ڪو به ذڪر ناهي جن بابت سوشل ميڊيا تي اڳڪٿيون ٿي رهي هيون، جن ۾ اڳوڻو ڪپتان ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽر سرفراز احمد، اسپن آل رائونڊر عماد وسيم يا فاسٽ بالر محمد عامرجا نالا شامل هئا.

لاھور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيف سليڪٽر انضمام الحق عالمي ڪپ لاءِ ٽيم جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته ايشيا ڪپ دوران رانديگرن جي انجري ۽ طبي رپورٽون اچڻ بعد ٽيم جي اسڪواڊ ترتيب ڌيڻ ۾ دير ٿي، نسيم شاهه انجري سبب عالمي ڪپ اسڪواڊ مان ٻاهر ٿي ويو آهي جڏهن ته سندس جاءِ تي تجربيڪار فاسٽ بالر حسن علي کي ترجيح ڏيندي کيس ورلڊ ڪپ اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي.

 

 

ڀارت ۾ شيڊيول ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ بابر اعظم ٽيم جي قيادت ڪندو، ٻين رانديگرن ۾ شاداب خان( نائب ڪپتان)، امام الحق، فخر زمان، عبدالله شفيق ۽ سعود شڪيل شامل آھن.

ان کانسواءِ محمد رضوان( وڪيٽ ڪيپر)، افتخار احمد، سلمان علي آغا، محمد نواز، حارث رئوف، حسن علي، شاھين شاهه آفريديل، محمد وسيم جونيئر ۽ اسما مير پاڪستان اسڪواڊ جو حصو آھن.

عالمي ڪپ لاءِ ريزرو رانديگرن ۾ زمان خان، محمد حارث ۽ ابرار احمد شامل آھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.