ڇڏيو مهانگين ڪريمن کي بيسڻ جو استعمال ڪريو؟

گھڻيون عورتون پنهنجي رنگ بابت گھڻيون فڪرمند رهنديون آهن ۽ انهن جي هر ممڪن ڪوشش هوندي آهي ته هر عمر ۾ سندن کَلَ پرڪشش لڳي.
جيتوڻيڪ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي جي هن دور ۾ عورتن لاءِ ”اسڪن ڪيئر“ ڪرڻ هاڻ گھڻو ڏکيو ٿي ويو آهي، ان ڪري چهري جي رنگ کي خوبصورت ۽ پُرڪشش بڻائڻ لاءِ گھريلو ٽوٽڪن جو رجحان ٻيهر وڌي رهيو آهي.
بيسڻ کي ڊگھي عرصي کان کَلَ ۽ وارن لاءِ فائدن جي ڪري استعمال ڪيو ويندو آهي.
اهو پروٽين، ان سيچوريٽڊ فيٽي ايسڊز جهڙوڪ لينوليڪ ۽ اوليڪ ايسڊز ۽ رائبوفيلون، نياسين، فوليٽ ۽ بيٽا ڪيروٽين جهڙين وٽامنز سان ڀرپور هوندو آهي.
عورتون بيسڻ سان پنهنجي کـَلَ کي نکاري سگھن ٿيون، ڇو جو اهو عورتن کي کَلَ جي هنن مسئلن کان سولائي سان ڇوٽڪارو ڏئي سگھي ٿو.
موهيڙن جو خاتمو
چهري تي ايڪني (موهيڙا) نه ختم ٿيندڙ مسئلو آهي. بيسڻ ۾ موجود خاصيتون چهري تي موجود موهيڙن کي گھٽ ڪرڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪنديون آهن.
چڻن جو اهو پائوڊر چهري تي موجود واڌو سيبم جي پيداوار کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ به مدد ڪندو آهي سوڄ واري کَلَ کي آرام ڏيندو آهي.
اسڪن ٽين (اُس سان رنگ ڪارو ٿيڻ)
اُس اوهان جي کَلَ کي ٽين ڪري ڇڏيندي آهي، سج جا شعاع کَلَ جي هيٺين تهن ۾ داخل ٿيندا آهن ۽ ميلانين (melanin) پيدا ڪرڻ لاءِ ميلانوسائٽس (melanocytes) نالي خلين کي سرگرم ڪندا آهن.
بيسڻ کي صدين کان ڊي ٽيننگ ۽ کَلَ جي رنگ کي صاف ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ ان جون سپر ڪلينزنگ خاصيتون اوهان جي چهرين کي بهتر شڪل ڏينديون آهن.
کَلَ تي موجود واڌو سڻڀ گھٽائيندو آهي
گرمي ۽ گھم جي موسم ۾ چهري تي واڌو تيل پگھر جي صورت ۾ سامهون ايندو آهي، جنهن سان کَلَ آئلي يعني سڻڀي لڳندي آهي.
اها سڻڀي کَلَ موهيڙن کي وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي آهي، بيسڻ واڌو سڻڀ کي جذب ڪرڻ ۽ اوهان جي کَلَ کي صاف ڪرڻ ۾ حيران ڪندڙ ڪم ڪندو آهي.
بيسڻ ۾ الڪلائيزنگ خاصيتون هونديون آهن جيڪي اوهان جي کَلَ جي پي ايڇ جي سطح کي متوازن رکنديون آهن.
خشڪ کل جو علاج
بيسڻ نه رڳو کَلَ تي موجود اضافي تيل کي ڪنٽرول ڪندو آهي پر خشڪ، لڙڪيل کَل کي به خوبصورت بڻائيندو آهي.
بيسڻ کي کير جي ملائي سان گڏ لڳائڻ هڪ حيران ڪندڙ موئسچرائزر جي طور تي ڪم ڪندو آهي.
کَلَ تي موجود قدرتي وار هٽائڻ
بيسڻ کي چهري تي موجود قدرتي وارن کي به هٽائڻ لاءِ استعمال ڪري سگھجي ٿو. بيسڻ مان ٺهيل اسڪرب اوهان جي کَلَ خوبصورتي به ڏيندو آهي.
اسڪرب ڪرڻ سان اوهان پنهنجي چهري کي ٻاڦ ڏيو، جنهن سان چهري جا سوراخ کلي ويندا ۽ وارن کي پاڙن کان هٽائڻ سولو ٿي ويندو.
واضح رهي ته چهري کي گھڻو نه رهڙيو ان سان اوهان جي کَلَ ۾ سوڄ ۽ جلن ٿي سگھي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.