لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف سليڪٽر ۽ اڳوڻي ڪپتان انضمام الحق قومي ٽيم ۾ فاسٽ بالر محمد عامر جي واپسي بابت خيالن جو اظهار ڪيو آهي.
ايندڙ مهيني ڀارت ۾ شروع ٿيندڙ ون ڊي ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم جي اعلان کانپوءِ انضمام الحق صحافين جي سوالن جا جواب به ڏنا.
قومي ٽيم جي نائب ڪپتان شاداب خان ۽ اسپنر محمد نواز جي خراب ڪارڪردگي پرفارمنس بابت سوال تي انضمام الحق چيو ته ٽيم کي مڊل اوورز ۾ ڏکائيون پيش اچي رهيون آهن ۽ اِها ڳالهه بلڪل درست آهي ته شاداب ۽ نواز جنهن ليول جا ڪرڪيٽر آهن انهن ويجهڙائي ۾ اهڙي قسم جي ڪارڪردگي ناهي ڏيکاري.
هن چيو ته ٻئي رانديگر پاڪستان لاءِ ڊگهي عرصي کان کيڏي رهيا آهن، ٻنهي جو ماضي ۾ ٽيم جي ڪاميابين ۾ ڪردار رهيوآهي، ٻئي ورلڊ ڪپ ۾ سٺو پرفارم ڪندا ٻي صورت ۾ اسان وٽ اساما مير جو آپشن موجود آهي.
محمد عامر بابت سوال تي چيف سليڪٽر چيو ته سڀني کي خبر آهي ته عامر تمام سٺو ڪرڪيٽ رهيو آهي، هو رٽائر ٿي چڪو آهي، جيڪڏهن پاڪستان لاءِ کيڏڻ چاهي ٿو ته سمورن رانديگرن جيان سندس لاءِ به پي سي بي جا دروازا کليل آهن.
سندس چوڻ هو ته هو فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کيڏي ۽ پرفارم ڪري ته سندس نالي تي ضرور غور ڪيو ويندو.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ سليڪشن ڪميٽي ڪڏهن به ڪنهن جي لاءِ دروزا بند ناهن ڪيا، اِهو هر رانديگر جو پنهنجو فيصلو هوندو آهي ته کيس پاڪستان لاءِ کيڏڻو آهي يا نه.