”ڪراچي ڏوهن کان پاڪ ڪري ڏيو“ وڏي وزير جو پوليس کي آپريشن جو حڪم

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) نگران وڏي وزير جسٽس(ر) مقبول باقر ڪراچي پوليس کي اسٽريٽ ڪرمنلز خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن شروع ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.

نگران وڏي وزير جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران ڪراچي پوليس چيف ۽ ايڊيشنل آءِ جي اجلاس کي اسٽريٽ ڪرائم تي بريفنگ ڏني.

نگران وڏي وزير جي ترجمان موجب، ڪراچي پوليس چيف اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هلندڙ سال ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جا 61098 ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ 17570 ڪيس اوڀر ضلعي ۾ رپورٽ ٿيا.

ڪراچي پوليس چيف اجلاس ۾ ٻڌايو ته شهر ۾ قتل جي ڪيسن ۾ 329 ۽ ڀنگ عيوض اغوا جي ڪيسن ۾ 62 جوابدار گرفتار ڪيا ويا جڏهن ته ڀتاخوري جا ڪل سئو واقعا رپورٽ ٿيا ۽ 86 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.

ترجمان ٻڌايو ته ڪراچي پوليس چيف موجب، اسٽريٽ ڪرائم جي واقعن ۾ ڊرگ مافيا ۽ غيرقانوني پرڏيهي ملوث آهن جڏهن ته ڏوهن جي روڪٿام کان وڌيڪ پوليس مظاهرن ۽ ٻين ڊيوٽيز تي مقرر هوندي آهي.

اجلاس دوران نگران وڏي وزير مقبول باقر ڪچي آبادي ۾ اسٽريٽ ڪرمنلز خلاف آپريشن شروع ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڪراچي پوليس چيف کي حڪم ڏنو ته پوري شهر کي اسٽريٽ ڏوهن کان پاڪ ڪيو وڃي ۽ ٿاڻن جي حالت به بهتر ڪئي وڃي.

وڏي وزير چيو ته ڪراچ شهر ۾ گٽڪي ۽ ٻي منشيات جو سرعام ملڻ افسوسناڪ آهي، پوليس ان معاملي تي به فوري سخت سخت کڻي.

ان کانسواءِ ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ اسنيپ چيڪنگ، ضمانت تي آزاد ڏوهارين جي نگراني ڪرڻ ۽ روپوش ماڻهن خلاف آپريشن ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو .

آپريشن جي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ کانپوءِ وڏي وزير ڏوهارين خلاف آپريشن جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.