سموري سنڌ ۾ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي بندش

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) صوبائي گهرو کاتي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي.

صوبائي گهرو کاتي موجب، پابندي اٺ ربيع الاول تي چپ تعزيي ۽ ٻارنهن ربيع الاول جي جلوسن کي نظر ۾ رکندي لڳائي وئي جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب، ڪراچي، حيدرآباد، دادو، نواب شاهه، خيرپور، سکر، گهوٽڪي ۽ لاڙڪاڻي ۾ به ٻارنهن ربيع الاول تي ڊبل سواري تي پابندي هوندي.

نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪراچي جي ضلعي ايسٽ ۾ اٺ، يارنهن ۽ ٻارنهن ربيع الاول کي ٻيلهه سواري تي بندش هوندي، سينٽرل ضلعي ۾ يارنهن ۽ ٻارنهن ربيع الاول کي ڊبل سواري تي پابندي هوندي جڏهن ته ڪياماڙي، سٽي ۽ سائوٿ ۾ ست، اٺ ۽ ٻارنهن ربيع الاول تي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.